ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ۾ آمريڪي مشن ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي گڏيل سهڪار سان يو ايس ايڊ جي ضرورت ۽ قابليت تي ٻڌل اسڪالرشپ پروگرام ايم اين بي ايس پي تحت وظيفا وصول ڪندڙ شاگردياڻين سان گڏ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو. يو ايس ايڊ جي سنڌ ۽ بلوچستان جي ڊائريڪٽر جيمز پيريز ۽ ايڇ اي سي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر شائسته سهيل يو ايس ايڊ هيٺ اسڪالرشپ پروگرام ايم اين بي ايس پي جي ساراهه ڪندي اهڙي معاشي طور تي پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙ ڇوڪرين لاءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو اثرائو قدم قرار ڏنو آهي، ان موقعي ڳالهه ٻولهه ڪندي يو ايس ايڊ جي جيمز پيريز جو چوڻ هو ته ڪو به سماج ايتري تائين ترقي نه ٿو ڪري سگهي ، جيستائين عورتون ۽ مرد برابري جي بنيادي تي موقعا ، وسيلا ۽ زندگي ۾اڳتي وڌڻ جا ذريعا فراهم نه ٿا ڪيا وڃن. جنهن سان هو پنهنجي زندگي سنوارڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ڪٽنب ۽ برادري لاءِ لاءِ به ڪجه ڪري سگهي .اسانکي اعتماد هي ته اسانجي ضرورت ۽ قابليت جي بنياد تي ملندڙ اسڪالرشپ جي پروگرام تحت اسان اعليٰ تعليم جي ڪميشن سان گڏ حصيداري ڪري عورتن لاءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي رستي ۾ موجود خال کي گهٽ ڪريون . ڊاڪٽر شائسته سهيل پروگرام جي فائدن کي تسليم ڪندي چيو ته يو ايسڊ هي اسڪالشپ پروگرام شروع ڪري ڇوڪرين لاءِ اعليٰ تعليم حاص ڪرڻ ڪرڻ جو رستو هموار ڪيو آهي جيڪو سارهه جوڳو عمل آهي . ان موقعي تي سکرت آءِ بي اي ، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام، آءِ بي اي ڪراچي ۽ مهران يونيورسٽي ڄامشوري جي 80 اسڪالرشپ تحت فارع ٿيل شاگرد ۽ شاگردياڻيون موجود هيون. جن پنهنجي حاليه پنهنجي تجربن کان آگاهه ڪيو . يو ايس ايڊ پنهنجي ايم اين بي ايس پي پروگرام تحت 2004 کان وٺي هيل تائين قابل پر معاشی طور پر پٺتي پيل عورتن کي وظيفا ڏئي ايڇ اي سي جي ڪوششن جو ساٿ ڏنو جنهن تحت اهي پاڪستاني جماعت ۾ برابري جي بنيادي تي اعليٰ تعليم فراهم ڪرڻ ۾ مصروف آهي انهن وظيفن جو انگ وڌائي 35سئو ڪيو ويو آهي . جن شعبن ۾ وظيفا ڏنا ويندا آهن انهن ۾ اهي وظيفا ڏنا ويندا انهن ۾ سڄي پاڪستان جي 30 سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا، زراعت، انجنيئرنگ، طب۽ سوشل سائنس جا شعبا شامل آهن۔










