آمريڪا طرفان بلوچستان ۾ دهشتگرد واقعن جي مذمت

آمريڪا طرفان بلوچستان ۾ دهشتگرد واقعن جي مذمت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪا 31 فيبروري تي بلوچستان ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ شهرين خلاف ٿيندڙ دهشتگرد ڪاررواين ۽ حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو، جن جي ذميواري بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) قبول ڪئي آهي، جيڪا آمريڪا طرفان نامزد ڪيل هڪ پرڏيهي دهشتگرد تنظيم آهي۔مان، آمريڪا پاران دهشتگردي جي متاثرن، انهن جي خاندانن ۽ ان واقعي کان متاثر ٿيل سڀني ماڻهن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪريان ٿي۔ پاڪستاني عوام کي اهو حق حاصل آهي ته هو تشدد ۽ خوف کان آزاد زندگي گذارين۔آمريڪا امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۾ هڪ ثابت قدم ڀائيوار آهي۔ هن ڏک جي گھڙي ۾ اسين پاڪستان سان گڏ آھيون۔

پهنجو تبصرو موڪليو