ڪشمير جي هوٽل ۾ ڪراچي واسي جوڙو ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت

ڪشمير جي هوٽل ۾ ڪراچي واسي جوڙو ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ)آزاد ڪشمير جي سياحتي مرڪز آت مقام ۾ هڪ گيسٽ هائوس ۾ ڪراچي جو هڪ نئون شادي شده جوڙو دم گھڙڻ سبب فوت ٿي ويو،خاندان موجب، طحه ۽ دعا زهرا جي شادي 4 فيبروري تي ٿي هئي. ٻئي 11 فيبروري تي ڪراچي کان آزاد ڪشمير لاءِ نڪتا هئا. طحه سان آخري ڀيرو 14 فيبروري تي رات 9 وڳي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، ٻئي ڇنڇر جي صبح جو اٺ مقام تي گيسٽ هائوس مان چيڪ آئوٽ ڪيا هئا ۽ نيلم وادي وڃي رهيا هئا. مقتول، طحه، هڪ مڪينيڪل انجنيئر هئي جڏهن ته دعا زهرا بي بي اي جي شاگردياڻي هئي، خاندان موجب، اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته ٻئي گيسٽ هائوس جي ڪمري ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿيا، فوت ٿيل مڙس ۽ زال جا لاش اڄ ڪراچي منتقل ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو