لنڊن (ڊيسڪ نيوز) لگزري ڪارون ٺاهيندڙ جرمن ڪمپنيءَ ”رولس رائس“ پاران آرٽيفيشل انٽيليجنس وسيلي هلندڙ لگزري ڪار ”ويزن 100“ منظرعام تي آندي وئي آهي. ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪار کي ٻاهران ڏسبو ته گاڏيءَ جي جديد فيچرز جو اندازو آسانيءَ سان ٿي ويندو ڇو ته گاڏيءَ جي بناوٽ عام گاڏين کان گھڻي مختلف آهي. رولس رائس ڪمپنيءَ پاران تيار ڪيل گاڏي مڪمل طور تي آٽوميٽڪ آهي جيڪا آواز جي مدد سان سڀ ڪم پاڻ ڪندي. گاڏيءَ ۾ ضرورت پوڻ تي رهنماي ڪندڙ ”وِرچوئل اسسٽنٽ“ به موجود هوندو. ڪار جا ٽائر 25 انچ جي 65 المونيم ٽڪرن سان ڍڪيل آهن جيڪي کيس ٻين ڪارن کان منفرد بڻائن ٿا.










