آرمي چيف جي بيان جي حمايت ڪريون ٿا ۽ پاڪ فوج سان گڏ آهيون

آرمي چيف جي بيان جي حمايت ڪريون ٿا ۽ پاڪ فوج سان گڏ آهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي، ترقيات ۽ منصوبابندي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پاڪستان انٽيريئر فرنيچر ايڪسپو ۾ معياري ۽ برانڊيڊ شيون رعايتي اگهن تي دستياب آهن، جن مان عوام کي ڀرپور فائدو وٺڻ گھرجي. انهن خيالن جو اظهار هن اڄ چار ڏينهن واري پاڪستان انٽيريئر فرنيچر نمائش جي افتتاحي تقريب دوران خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هي نمائش 17 اپريل کان 20 اپريل تائين ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ جاري رهندي. 100 کان وڌيڪ اعليٰ معيار وارا فرنيچر برانڊز هن نمائش ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. ملڪ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي فرنيچر نمائش جي منعقد ٿيڻ تي هن منتظمين، عدنان افضل ۽ مديحه عدنان کي مبارڪباد ڏني. توانائي، ترقيات ۽ منصوبابندي واري وزير وڌيڪ چيو ته اسان آرمي چيف جي بيان جي مڪمل تائيد ڪريون ٿا ۽ پاڪ فوج جي ڀرسان بيٺل آهيون ۽ اسان انهن جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جا ٻه صوبا دهشتگردي جو شڪار آهن، جن جي پويان اسان جي دشمن ملڪن جو هٿ آهي. هزارين فورسز جا جوان ۽ عام شهري دهشتگردي سان وڙهندي شهيد ٿيا. جعفر ايڪسپريس جو واقعو پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش هئي، پر اسان جي فخر جوڳي فورسز ان کي ناڪام بڻايو. ناصر حسين شاهه چيو ته اسان لاءِ سڀ کان اول پاڪستان هجڻ گھرجي. سڀ سياسي جماعتون پاڪستان جي نالي تي هڪ آهن. جيڪڏهن فورسز کي ڪمزور ڪيو ويو ته ان جا نتيجا اسان عراق، ليبيا ۽ شام ۾ ڏسي سگهون ٿا، جتان عبرت حاصل ڪرڻ گهرجي. آخر ۾ ناصر حسين شاهه چيو ته ڪينال جو معاملو پاڪستان پيپلز پارٽي جي ريڊ لائن آهي. جيڪڏهن اهو معاملو اڳتي وڌايو ويو ته پيپلز پارٽي حڪومت کان الڳ ٿي ويندي. اسان کي يقين آهي ته ڪينال واري معاملي جو ڪو حل ضرور نڪرندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو