ڳڙهي ياسين ۾ ڪار مٿان هٿياربندن جي فائرنگ،4  ڄڻا قتل

ڳڙهي ياسين ۾ ڪار مٿان هٿياربندن جي فائرنگ،4 ڄڻا قتل

شڪارپور (ن هه) انڊس هاءِ وي تي فائرنگ، ٻن ڀائرن سميت چار ڄڻا قتل. شڪارپور جي علائقي اڇي مسجد ڳڙهي ياسين شڪارپور روڊ انڊس هاءِ وي تي اڻڄاتل هٿياربندن هڪ ڪار تي انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ چار ڄڻا موقعي تي مارجي ويا. پوليس واقعي کي قبائلي دشمني جو نتيجو قرار ڏنو آهي. پوليس موجب مارجي ويل ماڻهن ۾ نور محمد سندراني، نظام احمد سندراني، آدم سندراني ۽ ڪار جو ڊرائيور رسول بخش مارفاڻي شامل آهن. مقتولن ۾ ٻه ڀائر ۽ هڪ ڀاڻيجو شامل آهن، جيڪي شڪارپور جي عدالت مان پيش ٿيڻ کان پوءِ واپس پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته واٽ تي اڳ ۾ تاڪ ۾ ويٺل هٿياربند ماڻهن مٿن حملو ڪري ڏنو. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ ۽ خوف جو ماحول ڇانئجي ويو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي گهيري ۾ وٺي ثبوت گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا. لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ابتدائي جاچ موجب اهو واقعو سندراني ۽ بروهي قبيلن جي پراڻي دشمني جو نتيجو ٿي سگهي ٿو، جنهن جي ماضي ۾ به ڪيترائي خونريز جهيڙا ٿي چڪا آهن. پوليس مختلف هنڌن تي ناڪابندي ڪري جوابدارن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو