غوثپور (عبدالنبي ملڪ)دراني مھر ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ رئيس بھادر ميراڻي تي اڻ ڄاتل ھٿياربندن جو حملو، ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، ڳوٺ مٿان راڪيٽ لانچر به فائر ڪيو ويو، اطلاع بعد پوليس نفري واقعي واري ھنڌ پهتي، علائقي ۾ ڏھڪاء پکڙجي ويو. گذريل رات دير سان ڇھه کان وڌيڪ اڻ ڄاتل ھٿياربندن جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني۔ راڪيٽ لانچر به گھرن مٿان فائر ڪيو پر خوشقسمتي سان اھو زمين تي وڃي ڪريو ۽ ڪوبه جاني نقصان ڪونه ٿيو ۔ فائرنگ ھڪ ڪلاڪ تائين جاري رھي جنھن سبب خوف ۾ ماڻھو گھرن ۾ لڪي ويا ۽ علائقي ۾ ڏھڪاء واري صورتحال پئدا ٿي ويئي. ڳوٺ جي چڱن مڙسن رئيس پپي ميراڻي ۽ شريف ميراڻي سان رابطو ڪيو ويو ته ھنن ٻڌايو ته اسانجي ڪنھن سان به دشمني ڪونھي ناحق اسانکي حراس پئدا ڪري پريشان ڪيو پيو وڃي۔ ٻئي پاسي دراني مھر پوليس نفري واقعي واري ھنڌ پھچي واقعي جا تفصيل معلوم ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھي آھي۔ ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي.










