ڳورهاريون عورتون پيراسيٽامول کان پاسو ڪن ته سٺو!

لنڊن (ڊيسڪ نيوز) حمل ٿي وڃڻ کانپوءِ سُور ٿيڻ جي صورت ۾ پيراسيٽامول جو استعمال سڀ کان گهڻو محفوظ تصور ڪيو ويندو هيو پر برسٽل يونيورسٽيءَ جي تازي تحقيقي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته حمل هجڻ جي صورت ۾ پيراسيٽامول جي استعمال سان پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار کي اي ڊي ايڇ جو خطرو يعني روئي ۾ خرابين ٿيڻ جو انديشو ٿي پوندو آهي. برطانوي اخبار ڊيلي مرر ۾ شايع ٿيل خبر مطابق برسٽل يونيورسٽيءَ جي محققن جي رپورٽ مطابق جن به ڳورهارين عورتن حمل دوران پيراسيٽامول واپرائي هوندي انهن جي ٻار تي اهي اثر پيا هوندا. ٻڌايو ويو آهي ته انهيءَ رپورٽ کي ترتيب ڏيڻ خاطر محققن 14 هزار ٻارن جي اسڪول وڃڻ کان اڳ واري آءِ ڪيو ٽيسٽ ورتي هئي. ٻئي طرف محققن اهو انڪشاف به ڪيو آهي ته اليڪٽرانڪ سگريٽ استعمال ڪندڙ عورتون گھڻي مشڪل سان ئي ڳورهاريون ٿي سگهن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو