ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) گڊاني ۽ چمن ۾ ڪارروائين دوران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪئي.اي اين ايف ترجمان موجب، چمن ۾ ڪارروائي هڪ ويران علائقي ۾ ڪئي وئي، جتي اسمگلنگ لاءِ لڪايل 110 ڪلوگرام هيروئن هٿ ڪئي وئي.ٻيو آپريشن گڊاني ۾ آر سي ڊي هاءِ وي تي ڪيو ويو، جتي هڪ گاڏي مان 6 ڪلوگرام چرس هٿ ڪئي وئي ۽ هڪ شڪي کي گرفتار ڪيو ويو.اي اين ايف ترجمان موجب، ٻنهي ڪارروائين ۾ نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڌيڪ ڪارروائي جاري آهي.










