گُڊز ٽرانسپورٽرز جي حمايت، بس سروس معطل رکڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) انٽر سٽي بس مالڪن ڪراچي ۾ گڊز ٽرانسپورٽرز جي هلندڙ هڙتال جي حمايت ڪندي سڀاڻي سڄي ملڪ اندر بس سروس معطل رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪراچي ۾ گڊزر ٽرانسپورٽرز جي ايڪسل لوڊ ڪنٽرول تي عمل نه ٿيڻ، روٽ پرمٽ ۽ ٽوڪن فيس ۾ اضافو واپس نه وٺڻ سميت 10 نڪاتي مطالبن جي حق ۾ هڪ هفتي کان هڙتال جاري آهي. گورنر سنڌ جي ترجمان مطابق گورنر عمران اسماعيل سان گڊز ٽرانسپورٽرز جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ وفاقي وزير محمد ميان سومرو ۽ مشير صنعت و تجارت عبدالرزاق دائود به شامل هيا. ملاقات ۾ وفد حڪومتي ٽيم کي پنهنجا مطالبا پيش ڪيا ايڪسل لوڊ، پارڪنگ ۽ روٽ پرمٽ جي مسئلن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي گورنر عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته مذاڪرات ۾ مثبت پيش رفت ٿي آهي. ٻئي طرف گڊز ٽرانسپورٽرز جي ترجمان حڪومت سان مذاڪرات کي ناڪام قرار ڏيندي چيو ته حڪومت سان پهرين ئي نڪتي تي مذاڪرات ناڪام ٿي چڪا آهن. ترجمان گڊز ٽرانسپورٽرز امداد نقوي جو چوڻ هو ته مذاڪرات ۾ ايڪسل لوڊ جي گهٽجڻ تي صنعتڪارن جي شديد تحفظاتن جو ذڪر ڪيو ان کان علاوهه مذاڪرات ۾ ٻين مسئلن تي بحث ئي نه ڪيو ويو. هاڻي انٽر سٽي بس مالڪن طرفان به گڊز ٽرانسپورٽرز جي هڙتال جي حمايت ڪندي سڀاڻي سومر کان اندورن ملڪ بس سروس معطل رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو