اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اميدوار يوسف رضا گيلاني42 ووٽ کڻي هارائي ويو آهي ۽ صادق سنجراني 48 ووٽ کڻي چيئرمين سينيٽ چونڊجي ويو آهي.چيئرمين سينيٽ جي چونڊ ۾ 99 مان 98 سينيٽرن پنهنجا ووٽ ڪاسٽ ڪيا جڏهن ته جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد پنهنجوووٽ ڪاسٽ نه ڪيو.7 ووٽرن يوسف رضا گيلاني جي نالي تي مهر لڳائي جنهن جي نتيجي ۾ اهي ووٽ رد ڪيا ويا.هڪ ووٽ رد ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته ٻنهي اميدوارن کي مهر لڳائي ياد رهي ته يوسف رضا گيلاني جو مخالف صادق سنجراني هو جنهن کي حڪومت پاران نامزد ڪيو ويو هو. ان کان اڳ ، 3 مارچ جي سينيٽ اليڪشن ۾ يوسف رضا گيلاني اسلام آباد مان مخالف اميدوار هو ۽ سندس مخالف حڪومت جو عبدالحفيظ شيخ هو.










