اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي سيد يوسف رضا گيلاني جي رد ڪيل 7 ووٽن واري پرزائيڊنگ آفيسر جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سومر تي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙو فيصلو زرداري هائوس تي ٿيل هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، يوسف رضا گيلاني، سيد نيئر بخاري، فاروق ايڇ نائڪ ۽ لطيف کوسه شرڪت ڪئي. هن ڪيس جي پوئواري پي پي جا ٽئي مٿي ڄاڻايل قانوندانن جي ٽيم ڪندي.










