گوگي پاران ڪيل 3 ارب 82 ڪروڙ جي ڪرپشن جا انڪشاف

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) عمران خان جي فرنٽ پرسن فرحت شهزادي عرف فرح گوگي جي ظاهري ۽ غير ظاهري اثاثن ۾ 2017 کان 2020ع تائين 4 ارب 52 ڪروڙ روپين جو حيرت ۾ وجهندڙ اضافو ٿيو. فرح گوگي 2020ع ۾ 95 ڪروڙ روپين جي اثاثن کي پاڻ مڃيو پر ان کان هٽي ڪري سندس غير ظاهري ملڪيتي اثاثا 3 ارب 82 ڪروڙ روپيه آهن.رپورٽ موجب صرف 3 سالن دوران فرح گوگي جي ظاهري اثاثن ۾ 420 سيڪڙو جڏهن ته غير ظاهري اثاثن ۾ 15300 سيڪڙو اضافو ٿيو. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته اهي اثاثا فرح گوگي جي ذاتي ملڪيت آهن جڏهن ته احسن جميل گجر ۽ ٻين مائٽن حصيدار جا اثاثا ڌار آهن.ايس اي سي پي جي رڪارڊ موجب فرح گوگي مختلف ڪمپنين ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آهي جن ۾ غوثيه بلڊرز(ايس ايم سي پرائيويٽ لميٽيڊ) البراق هائوسنگ پرائيويٽ لميٽيڊ، البراق فوڊز پرائيويٽ لميٽيڊ، المعز ڊيري اينڊ فوڊز پرائيويٽ لميٽيڊ، المعز پراپرٽيز پرائيويٽ لميٽيڊ، ديان پراپرٽيز پرائيويٽ لميٽيڊ، ڊاڪٽرز ڪلينڪل ڪيئر پرائيويٽ لميٽيڊ، سينا ٽوريا اسپتال مينمينٽ ڪمپني پرائيويٽ لميٽيڊ شامل آهن.رڪارڊ موجب 3 ڊسمبر 2019ع تي هڪ مشهور پراپرٽي ٽائيڪون سان آئوٽ آف ڪورٽ معاهدي جي تحت يو ڪي جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي 190 ملين پاونڊز پي ٽي آءِ جي حڪومت کي واپس ڪيا. پي ٽي آءِ چيئرمين جي فرنٽ پرسن فرح گوگي ان ڪارروائي جي عيوض 19 جولاءِ 2021ع تي مشهور پراپرٽي ٽائيڪون کان ان جي هائوسنگ اسڪيم ۾ 240 ڪنال زمين پنهنجي نالي ڪرائي. اها 240 ڪنال جي قيمتي زمين فرح گوگي کي رشوت جي طور تي منتقل ڪئي وئي.فرح گوگي 2018ع ۾ اعلان ڪيل ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم جو به فائدو کنيو. 489 ملين روپين کان وڌيڪ ڪارو ناڻو جيڪو مختلف پوسٽنگ، ٽرانسفر ۽ پنهنجي ڪمپنين جي لاءِ سرڪاري ٺيڪن جي مد ۾ بطور رشوت وصول ڪيو ويو ان کي ريگولائز ڪرايو ويو. اهڙي ڪرپشن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جا ٻيا ساٿي به شامل آهن. ڪرپشن جي ان داستان ۾ بهاولپور ۽ گوجرانوالا ۾ زرعي زمين، اسلام آباد ۽ لاهور ۾ رهائشي ۽ ڪمرشل ملڪيتون ۽ چڪري ۾ 200 ڪنال زرعي زمين به شامل آهن اهي سموريون جڳهيون سندس ملڪيتون آهن پر غير ظاهر ٿيل آهن.جاچ مان ثابت ٿيو آهي ته فرح گوگي مني لانڊرنگ جا به ڏوهه ڪندي رهي آهي. فرح گوگي ۽ سندس مڙس برطانيه ۾ بطور جعلي ڊاڪٽر گولڊ اسٽار يورو پرائيويٽ لميٽيڊ ۾ بطور ڊائريڪٽر ڪم ڪندا هيا. گولڊ اسٽار يورو پرائيويٽ لميٽيڊ هڪ شيل ڪمپني جي طور تي منظر عام تي آيو. پهرين فيبروري 2022ع تي اها ڪمپني تحليل ڪئي وئي. جڏهن ته 11 فيبروري 2002ع تي مانيڪا پرائيويٽ لميٽيڊ جو قيام عمل ۾ آندو ويو.فرح گوگي جي پاڪستان ۾ موجود بينڪ اڪائونٽس جي تعداد ۾ 2019 کان 2021ع تائين لاڳيتو اضافو ڏٺو ويو. 426 ملين روپين جي ڳري سرمائيڪاري صرف هڪ بئنڪ اڪائونٽ ۾ 2018ع کان 2022ع تائين 47 مختلف ٽرانزيڪشن جي ذريعي ڊيبازٽ ڪرايو ويو جنهن جا به مڪمل تفصيل سامهون اچي ويا آهن.ٻئي پاسي فرح گوگي، احسن جميل گجر ۽ ان جي پارٽنرز جا سڄي ملڪ ۾ 102 بينڪ اڪائونٽس به سامهون اچي ويا آهن جنهن جي ٽوٽل ماليت 14 ارب روپيه آهي ۽ هي اهي پئسا آهن جيڪي پي ٽي آءِ چيئرمين جي فرنٽ پرسن جي طور تي ورتا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو