ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جي بهادر آباد جي دوري ايم ڪيو ايم جي قيادت جي اهم اڳواڻن کي گڏ ڪيو ۽ انهن جا اختلاف حل ڪيا.ڪامران خان ٽيسوري چيو ته خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ مصطفيٰ ڪمال ۽ فاروق ستار سميت سڀئي اڳواڻ ايم ڪيو ايم کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا.هن چيو ته معمولي ڳالهين تي پارٽي ۾ اختلاف جمهوريت جو حسن آهي، پر ڪراچي، سنڌ ۽ ملڪ لاءِ سڀئي پارٽي اڳواڻ هڪ آهن.سنڌ جي گورنر چيو ته صوبائي يا وفاقي حڪومت ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سڄي سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ هر سطح تي آواز اٿاريندي ۽ نوجوانن کي روزگار فراهم ڪندي.










