ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي گوادر ۾ هڪ مهيني لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.بلوچستان جي گهرو کاتي جي اعلان موجب گوادر ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي قلم 144 هڪ مهيني لاءِ لاڳو ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان بلوچستان جي گهرو کاتي پاران نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.بلوچستان جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قلم 144 تحت ضلعي ۾ ريلي، ڌرڻو، 5 يا ان کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجاڻي ۽ هٿيارن جي نمائش تي سخت پابندي هوندي.










