ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اورنگي ٽائون مومن آباد ۾ هڪ ناٺي پنهنجي سهري تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس سهري سميت ٽي ماڻهو مارجي ويا.ايس ايس پي ويسٽ طارق مستوئي موجب واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن مقتول غوث الدين عرف عمران پنهنجي مائٽن سان گڏ ڌيءَ جي گهر آيو هو. گهريلو جهيڙي دوران عمران جي پٽ حميد، ڀاءُ رحمت، پيءُ شاهجهان ۽ هڪ مائٽ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ عمران، گل بخش خان ۽ امين مارجي ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي کان پوءِ، انهن بروقت ڪارروائي ڪندي مقتول عمران جي ڌيءَ جي سسر شاهجهان ۽ هڪ مائٽ کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته حميد ۽ سندس ڀاءُ رحمت فرار آهن.پوليس موجب، واقعي واري هنڌ تان پستول به هٿ ڪيو ويو آهي. واقعي جي مڪمل جاچ جاري آهي ۽ ٻين جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.










