گمبٽ: (ن س) چند ڏينهن ۾ 8 معصوم ٻارن ۾ ايڇ آئي وي ايڊز جي تصديق ٿي آهي، جن مان هڪ نياڻي فوت ٿي وئي.اسپتال جي ٻارن واري وارڊ ۾ گذريل 10 ڏينهن دوران داخل 8 ٻارن ۾ ايڇ آئي وي جي تشخيص ٿي، 3 سالن جي عليشا علاج دوران فوت ٿي وئي جڏهن ته 7 ٻار زيرِ علاج آهن. ٻارن ۾ ايڇ آئي وي جي تصديق کانپوءِ اسپتال جي ٻارن ۽ گائني وارڊن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، متاثر ٻارن جي عمر 5 مهينن کان 3 سالن تائين ٻڌائي وئي آهي.ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اسان وٽ ايڊز سينٽر موجود ناهي، ٻارن کي ايڊز سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي، ايڊز سينٽر سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ قائم آهن.










