گل پلازا ڪميشن جي رپورٽ حوالي سان اجلاس منعقد

گل پلازا ڪميشن جي رپورٽ حوالي سان اجلاس منعقد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ گل پلازا باھ بابت جوڊيشل ڪميشن جي جاچ رپورٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ اهم اجلاس. اجلاس ۾ سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمن، ناصر حسين شاهه، ضياءُ الحسن لنجار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار شريڪ ٿيا۔
اجلاس دوران وزيراعليٰ سنڌ کي بريفنگ ڏني وئي ته گل پلازا ۾ 17 جنوري 2026 تي لڳل باهه وقت عمارت اندر فائر فائٽنگ سسٽم، الارم سسٽم ۽ محفوظ نڪرڻ جا مناسب انتظام موجود نه هئا، عمارت ٻاهران رش ۽ جاري تعميراتي ڪم سبب ريسڪيو آپريشن پڻ متاثر ٿيو.
سيد مراد علي شاهه جوڊيشل ڪميشن جي جاچ ۽ محنت کي ساراهيندي هدايت ڪئي ته سڀني ڪمرشل عمارتن لاءِ فائر سيفٽي آڊٽ لازمي قرار ڏنو وڃي، عمارتن ۾ قائم تجاوزات ختم ڪيون وڃن ۽ ايمرجنسي رسائي کي بهتر بڻايو وڃي۔ ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي پهرين ذميواري آهي، تنهن ڪري حفاظتي قانونن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، ۽ جيڪڏهن وڌيڪ قانونسازي جي ضرورت هجي ته ان جو مسودو تيار ڪيو وڃي۔
اجلاس ۾ وزيراعليٰ سنڌ ٽن وزيرن تي مشتمل ڪميٽي جوڙي ڇڏي. ڪميٽي ۾ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، ضياءُ الحسن لنجار ۽ ڄام اڪرام الله ڌاريجو شامل آهن. جيڪي رپورٽ جو تفصيلي جائزو وٺي جلد پنهنجون سفارشون پيش ڪندا۔

پهنجو تبصرو موڪليو