گل ويلفيئر آرگنائيزيشن جي نون عهديدارن جي چونڊ

عادلپور(ن س) گل ويلفيئر ايسوسيئيشن ڳوٺ عارب مهر جي جنرل باڊي جو اجلاس آرگنائيزر اعجاز مهر جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ تنظيم جي 52 ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تنظيم جي نون عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي. جنهن ۾ اتفاق راءِ سان ديدارعلي صدر، غلام اڪبر نائب صدر، سجاد علي جنرل سيڪريٽري، استاد عبدالعزيزجوائنٽ سيڪريٽري، غلام عباس انفارميشن سيڪريٽري ۽ ابوالحسن فنانس سيڪريٽري چونڊجي ويا. ان موقعي تي ايگيڪٽو ڪميٽي پڻ چونڊي وئي جنهن ۾ ڪامريڊ محمد مٺل مهر، محمد صلاح ، گل حسن (ڀائو)، علي مراد، استاد عبدالغني مهر، ذاڪر حسين، شوڪت علي، استاد بشير احمد، نعيم الله،عبدالواحد ۽ علي احمد مهر شامل آهن. اجلاس دوران محمد صلاح مهر، ديداري علي، سجاد علي ۽ ٻين ڳوٺ جي مسئلن ۽ ان جي حل لاءِ رضاڪارانه طور پنهنجون خدمتون پيس ڪرڻ بابت پنهنجا ويچار ونڊيا. اجلاس جي ابتدا ۾ حسين سارنگ گل ويلفيئر ايسوسيئيشن جي تاريخ بابت ڄاڻ ڏني ۽ نوجوانن کي بريف ڪيو ته 1984 کان هي تنظيم علائقي جي ماڻهن ۾ شعور بيدار ڪري رهي آهي. ڪامريڊ محمد مٺل مهرچيو ته اڄ تمام خوشي ٿي رهي آهي ته تنظيم نئين نسل حوالي ڪري رهيا آهيون، عهديدار ذهني طور تي تيار هجن ماڻهو انهن کان سوال، مطالبا ۽ تنقيد به ڪندا، جنهن کان مايوس نه ٿجو. اعجاز مهر تنظيم جا مقصد بيان ڪندي نوجوانن تي زور ڀريو ته هو مطالعو ڪن. هن چيو ته اسرائيل جو هر شهري سال ۾ 40 ڪتاب پڙهندو آهي پر 50 کان وڌيڪ اسلامي ملڪن ۾ سراسري طور هڪ شهري هڪ ڪتاب به سال ۾ نٿو پڙهي. هن چيو ته اوهين نوجوان پنهنجي مثبت سوچ، ڪردار ۽ عمل سان پنهنجو نالو پيدا ڪريو. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته هميشه مثبت سوچو، تنقيد کان مايوس نه ٿيو.هن چيو ته اڪثر تنقيد ان تي ٿيندي آهي جيڪو ڪم ڪندو آهي ۽ تنقيد اڪثر اهو ڪندو آهي جيڪو ڪم ناهي ڪندو. اجلاس ۾ طئي ٿيو ته 4 اپريل تي شام جو پنجين وڳي نون چونڊيل عهديدارن کي حلف کڻايو ويندو ۽ تقريب ۾ آس پاس جي باشعور دوستن کي شرڪت جي دعوت پڻ ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو