ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ گرمي وڌڻ سان گڏ ڊائريا جي مريضن جو انگ به وڌي ويو آهي.پاڪستان پيڊياٽرڪ ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر ڊاڪٽر وسيم جمالوي جو چوڻ آهي ته سرڪاري اسپتالن ۾ روزانو ڊائريا جا درجنين مريض آندا وڃن ٿا.هن چيو ته ٻار ڊائريا کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا، آلوده پاڻي ۽ غير معياري کاڌو ڊائريا جو مکيه سبب بڻجي رهيا آهن.هن چيو ته ڊائريا جي ڪري پاڻي جي کوٽ زندگي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي.ڊاڪٽر وسيم جمالوي عوام کي صلاح ڏني ته اُباليل پاڻي پيئجن ۽ باقاعدگي سان هٿ ڌوئن.










