گرفتار خديجه شاهه کي نظربند ڪرڻ جو حڪم

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور انتظاميا ڀڃ ڊاهه جي ڪيسن ۾ گرفتار فيشن ڊزائينر خديجه شاهه کي 30 ڏينهن لاءِ نظربند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا، ڊي سي لاهور پاران خديجه شاهه کي هڪ مهيني لاءِ نظربند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته خديجه شاهه 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث رهي آهي، هوءَ ٻيهر امن امان جي صورتحال خراب ڪري سگهي ٿي،9 مئي جي ڪيسن ۾ ضمانت منظور ٿيڻ بعد خديجه شاهه ڀڃ ڊاهه جي هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل آهي

پهنجو تبصرو موڪليو