اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سياري کان اڳ گئس جي اگهن ۾ هڪ سئو سيڪڙو کان وڌيڪ اضافي جو فيصلو ڪيو ويو آهي،نگران وفاقي سرڪار پاران سياري کان اڳ گئس جي اگهن ۾ هڪ سئو سيڪڙو کان وڌيڪ اضافي جو فيصلو ڪيو ويو،ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب هلندڙ مالي سال دوران گئس سيڪٽر جي گردشي قرضن ۾ 46 ارب روپين جي اضافي جو خدشو آهي،ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب گردشي قرضن ۾ اضافي تي آءِ ايم ايف پاران ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي،ذريعن موجب اقتصادي جائزي کان اڳ گئس جي قيمت ۾ سئو سيڪڙو کان وڌيڪ اضافي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، گئس جي اگهن ۾ اضافي کي نظر ۾ رکندي سمري تيار ڪئي وئي آهي،ذريعن جو چوڻ آهي ته گئس مهانگي ڪرڻ بابت تيار ڪيل سمري اِي سِي سِي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي.
