ڪي پي ۾ ٻن مقابلن ۾ 11 دهشتگرد مارجي ويا، ترجمان

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ميڊيا ونگ موجب خيبرپختونخواهه جي علائقي ڊيرا اسماعيل خان ۽ اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٻن مختلف ڪارروائين ۾ 11 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪارروائي گذريل رات ڪئي وئي. بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊيرا اسماعيل خان ضلعي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو. “آپريشن جي دوران، شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ، ڏهن دهشتگردن کي دوزخ ڏانهن موڪليو ويو،”. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اتر وزيرستان ضلعي ۾ هڪ ٻئي مقابلي ۾ سيڪورٽي فورسز هڪ دهشتگرد کي ماري ڇڏيو. هي دهشتگرد مختلف حملن ۾ ملوث هئا، سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. مقامي ماڻهن فوجي ڪاروائي جي واکاڻ ڪئي آهي. ياد رهي ته ڊي آءِ خان ۾ گذريل حفتي ٻن واقعن ۾ سمگلرن ڪشٽم جي 7 اهلڪارن کي شهيد ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو