ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بابر غوري جي دور ۾ ايم ڪيو ايم جي غير قانوني ڀرتين خلاف اڪيلي سر پنھنجي جان جوکي ۾ وجھي مزاحمت ڪندڙ ڪي پي ٽي جي اڳوڻي مئنيجر ايڇ آر گريڊ 19هين جي آفيسرارباب انس کي سومر 22 مارچ تي ڪي پي ٽي ھيڊ آفس ۾ انڪوائري بھاني گھرائي ھڪ ڪوڙي ڪيس ۾ کنڀي گم ڪرايو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سندس گرفتاري جي پويان جي ايم ايڊمنسٽريشن ۽ جي ايم فنانس جو ھٿ آھي جيڪي موجودو وزير علي زيدي جا خاص ماڻهو آھن سنڌين سان تعصب رکندڙ آهن. ارباب انس بابت سندس ڪجهه ساٿين جو چوڻ آهي ته هو ھڪ ايماندار آفيسر آھي. سندس خلاف ڪو ڪرپشن جو ڪيس نه آھي. سندس ڏوھ صرف ڏاڍ خلاف مزاحمت آھي. ارباب انس جي جان کي خطرو آھي. ان جي گرفتاري کي فوري طور تي ظاھر ڪيو وڃي. ياد رهي ته متعصب آفيسرن کيس عهدي تان هٽائي او ايس ڊي بڻايو هو ۽ سندس خلاف ڪوڙيون انڪوائريون شروع ڪيون آهن. ڇو ته هن وٽ غير قانوني ڀرتين جو سڄو رڪارڊ موجود آهي.










