ڪو اهڙو فيصلو ٿيو ناهي جو ڪنهن کي مڃايون:رانا

اسلام آباد )ويب ڊيسڪ)گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته اهڙو ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو جنهن تي تحفظات هجن يا ڪنهن کي راضي ڪرڻو هجي، سيٽ ايڊجسٽمينٽ يا اليڪشن کي پوئتي هلڻ جو ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو.وفاقي گهرو وزير چيو ته مسلم ليگ ن جو واضح موقف آهي ته سيٽ اپ ۾ اليڪشن سپروائيزر هجڻ گهرجن.راڻا ثناءُ الله چيو ته مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ اسيمبليون ٽوڙي وينديون ۽ نگران سيٽ اپ ايندو، چونڊون هڪ ئي ڏينهن ٿينديون ۽ نگران سيٽ اپ آئين موجب ٿينديون. هنن چيو ته نواز شريف ضرور واپس ايندو ۽ ن ليگ جي چونڊ مهم جي اڳواڻي ڪندو، 9 مئي جي ماسٽر مائينڊ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، حڪومت ان معاملي تي سنجيده آهي.گهرو وزير راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو آهي ته ماسٽر مائينڊ چيئرمين پي ٽي آءِ آهي، سمورا جاچ ادارا ميرٽ تي جاچ ڪن.هن جو اهو به چوڻ آهي ته 9 مئي جي واقعي جي جاچ جاري آهي، ماسٽر مائينڊ ۽ سهولتڪارن خلاف سائنسي ثبوت موجود آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو