ڪويتا جو زبردستي مذهب مٽائڻ خلاف احتجاج

ڪويتا جو زبردستي مذهب مٽائڻ خلاف احتجاج

دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) دادو ۾ اوڏ برداري جو تنگواڻي ۾ 13 سالا معصوم نينگري ڪويتا اوڏ کي زبردستي هٿيارن جي روز تي اغوا ڪري سندس جو مذهب تبديل ڪرڻ خلاف هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،ان موقعي هريش راجپوٽ،سنيل ڪمار،مڪش ڪمار پرجش ڪمار،صوف مل ۽ ٻين دانهيو ته تنگواڻي ۾ 13 سالا نياڻي کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري سندس جو مذهب تبديل ڪيو ويو آهي،سنڌ اندر اقيلتي برداري سان ٻيهر ظلم ڪيو پيو وڃي ۽ اقيلتي برداري جي نياڻي کي اغوا ڪري سندن جو مذهب تبديل ڪيو پيو وڃي،پوري سنڌ اندر رڳو تنگواڻي واري پاسي صرف اقيلتي برداري جي نياڻيون جو مذهب تبديل ڪري رهيو آهي سنڌ حڪومت کي نوٽس وٺڻ گهرجي،هنن چيو ناري جي اغوا بعد ناري جي گهر کي باھ ڏئي پڻ ساڙيون ويو آهي،هنن  سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ آرمي چيف کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي تنگواڻي ۽ آس پاس جي علائقن مان اقيلتي برداري جي نياڻين کي اغوا ڪري مذهب تبديل ڪرڻ جو نوٽس وٺي اقيلتي برداري سان انصاف ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو