ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او ڪورونا وائرس کي عالمي وبا قرار ڏئي ڇڏيو آهي. عالمي اداري جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس 100 کان مٿي ملڪن ۾ ڦهلجي چڪو آهي ان ڪري هن کي عالمي وبا قرار ڏنو آهي. هوڏانهن پرڏيهي کاتي جي ترجمان عائشه فاروقي اٽلي ۾ ڪورونا وائرس سبب پاڪستاني فوت ٿي ويو آهي. فوتي وڏي عرصي کان اٽلي ۾ رهندو هو ۽ سندس عمر 65 سال آهي. سندس لاش پاڪستان آڻڻ بابت ٻنهي ملڪن ۾ سفارتي سطح تي رابطو جاري آهي. فوتي ميلان شهر کان 100 ڪلوميٽر پري بريسيلا شهر ۾ رهندو هو. ياد رهي ته گذريل سال ڊسمبر ۾ ڪورونا وائرس چين ۾ ظاهر ٿيو جيڪو دنيا جي 108 ملڪن ۾ ڦهلجي چڪو آهي ۽ هڪ لک 10 ڏهه هزار کان مٿي ماڻهو هن وائرس ۾ ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن.
