اسلام آباد (بيو رو رپورٽ )ڪورونا پازيٽو ٿيڻ کان پوءِ وزيراعظم ۽ خاتون اول گهر تي قرنطينه اختيار ڪري ورتو آهي.عمران خان هاڻ سمورا سرڪاري معاملا گهر مان انجام ڏيندو. وزيراعظم وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو. ذريعن موجب وزيراعظم جي طبيعت ڪجهه ڏينهن اڳ خراب ٿي هئي. عمران خان ٻه ڏينهن اڳ ويڪسين لڳرائي هئي. ويڪسين کان اڳ ئي وزيراعظم کي انفيڪشن ٿي چڪو هو.عمران خان ۾ هلڪي کنگهه ۽ بخار جون نشانيون آهن. وزيراعظم سرڪاري معاملا گهر مان انجام ڏيندو. عمران خان وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم جي صلاحڪار شهباز گل چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پاڻ کي پنهنجي رهائشگاهه تي قرنطينه ڪري ورتو آهي ان کي ڪورونا جون نشانيون گهٽ آهن. کيس هلڪي کنگهه ۽ بخار آهي. الله ان کيس جلد صحتياب ڪري. وزيراعظم کي صحت جي باري ۾ آگاهه ڪندا رهنداسين. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان جي صحت بابت صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته وزيراعظم جي طبيعت بهتر آهي ۽ هو ٺيڪ ٺاڪ آهي. وزيراعظم سان منهنجي ملاقات ٿي اهي ان جي صحت سٺي آهي ۽ کيس ڪورونا جون معمولي نشانيون آهن. هن جو چوڻ هو ته وزيراعظم کي فوري علاج جي ضرورت ناهي.وزيراعظم سان رابطي ۾ رهندڙن کي قرنطينه ڪرڻ جي درخواست آهي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم 10 مارچ تي ڪورونا ويڪسين لڳرائي هئي. وزيراعظم ۾ ڪورونا جون نشانيون ويڪسين لڳائڻ کان 2-3 ڏينهن اڳ هيون. ائين لڳي ٿو ته ويڪسين لڳڻ کان اڳ ئي وزيراعظم جي جسم ۾ ڪورونا موجود هو. ڪابه ويڪسين تڪڙو اثر ناهي ڏيکاريندي. وفاقي وزير فواد چوڌري سماجي رابطن جي ويب سائٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي عوام پنهنجي محبوب اڳواڻ جي صحت لاءِ دعاگو آهي. خدا کيس جلد صحت ڏيندو. اسد عمر چيو ته وزيراعظم خيريت سان آهي.عمران خان کي ويڪسين لڳڻ کان اڳ انفيڪشن ٿي چڪو هو. جمعي جي ڏينهن وزيراعظم ڪورونا صورتحال سبب جلسا ملتوي ڪيا هئا. 10 ڏينهن جي لڳ ڀڳ قرنطينه جو ٽائيم هوندو آهي. وزيراعطم کي جنهن ڏين ڪورونا جي نشاني ظاهر ٿي ان ڏينهن ان کي ويڪسين لڳائي وئي هئي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ڪورونا جي ٽئين لهر، بنيادي طور تي برطانيه مان ايندڙ وائرس سبب آهي. هي وائرس وڌيڪ آساني سان پکڙجندو آهي. هن قسم جو وائرس هڪ شخص کي ٿيو ته سموري خاندان کي ٿي ويندو آهي. اڳ ۾ متاثر ٿيندڙ شخص کي ٻيون ڀيرو به ڪورونا ٿي سگهي ٿو.ڏکڻ آفريقا ۽ برازيل مان مسافرن جي اچڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. گهرو وزير شيخ رشيد وزيراعظم عمران خان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ان جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته الله وزيراعظم عمران خان کي صحتياب ڪري. سموري قوم جون دعائون ان سان گڏ آهن. عمران خان جلد صحتياب ٿيندو.










