اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اين سي او سي جي سربراهه ۽ وفاقي وزير اسد عمر خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال بهتر نه ٿي ته وڌيڪ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي اوسي) جي اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اسد عمر چيو ته ڪورونا سبب ٻه هفتا اڳ پابندين ۾ واڌ ڪئي هئي. اسان پابنديون خوشي سان ناهن لڳايون. هاڻ ملڪ ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجي رهيو آهي ۽ خطرناڪ حد تائين پکڙجي چڪو آهي. ان جو سبب برطانيه ۾ سامهون ايندڙ نئون وائرس آهي. هن چيو ته وبا جي پکيڙ نه صرف پاڪستان پر سموري دنيا ۾ تيزي سان وڌي رهي آهي. ڀارت ۾ به تيزي سان وبا پکڙجي رهي آهي.اسد عمر چيو ته ڪورونا جي ٽئين لهر ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي. ڪالهه 2842 مريض انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ موجود هئا. گذريل 12 ڏينهن ۾ مريضن جي انگ ۾ تيزي سان واڌ ٿي آهي جيڪڏهن انهيءَ رفتار سان مريضن جي انگ ۾ واڌ ٿي ته اسان پهرين لهر جي ليول کان به مٿي هليا وينداسين. اين سي او سي جي سربراهه وڌيڪ چيوته اسان جو مقصد خوف پکيڙڻ نه آهي هي ليڊرشپ ڏيکارڻ جو وقت آهي اهو پيغام پکيڙڻ جو وقت اهي ته ماڻهن کي وبا کان بچايون.هن وبا کي ان حد تائين نٿو پکيڙي سگهجي جو ماڻهن کي روزگار بند ڪرڻو پوي. اسد عمر چيوته ڪوشش آهي ته ماڻهن کي روزگار جو نقصان نه ٿئي. جيڪڏهن اسان فوري طور تي قدم نه کنيا ته اهڙي صورتحال ٿي سگهي ٿي جو اسان کي وڌيڪ پابنديون لڳائڻيون پون. ان لاءِ صورتحال بهتر نه ٿي ته سخت فيصلا ڪرڻا پوندا.










