ڪورونا جا وار وڌيڪ 46 فوت پنجاب ۾ صورتحال نازڪ

ڪورونا جا وار وڌيڪ 46 فوت پنجاب ۾ صورتحال نازڪ

اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو)پاڪستان ۾ برطانوي وائرس جا وار، 46 فوت، پنجاب ۾ صورتحال نازڪ آهي برطانيه مان اچڻ واري ڪورونا جي نئين لهر جي ڪري پنجاب ۾ صورتحال تشويشناڪ ٿي چڪي آهي ، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 46 وڌيڪ فوت ۽ 2هزار338 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ڪورونا جي شماريات ويب سائيٽ جي مطابق ، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ 42هزار499 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا  جن مان 2هزار338 ماڻهن ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي ۽ 46 مريض  فوت ٿي چڪا آهن.سرڪاري رپورٽ مطابق  ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو تعداد 13هزار476 ٿي چڪو آهي  ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 6لک25هزار 36 ٿي چڪو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 19هزار764 آهي ، ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت واقعن جي شرح 5.5 سيڪڙو آهي .ان کان علاوه  سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 1هزار231 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن ، صحتياب ٿيندڙن جو ڪل تعداد 5لک69هزار296 ٿي چڪو آهي.سرڪاري رپورٽ  مطابق سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک60هزار959 تائين پهچي چڪوآهي جڏهن ته 4هزار453 ماڻهو هينئر تائين فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک83هزار815 آهي ۽ 5هزار732 ماڻهو وائرس سبب فوت ٿي   چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 19هزار188 آهي ۽ فوتين جو تعداد 202 آهي.خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 75هزار357  آهي ۽ 2هزار147 فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد  10هزار892آهي  ۽ 317 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.ان کان علاوه  گلگت بلتستان ۾ ڪورونا مريضن جو تعداد هينئر تائين 4هزار960 آهي  ۽ 103 مريض فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 47هزار365 آهي ۽ هاڻ تائين 522 مريض فوت ٿي چڪا آهن.ڪورونا جي هاڻوڪي لهر گجرات ضلعي خطري جي گهنٽي وڄي وئي آهي.ڪورونا لاءِ قائم عزيز ڀٽي شهيد اسپتال جو وارڊ مريضن سان ڀرجي ويو آهي جنهن جي ڪري اضافي فيلڊ اسپتال قائم ڪرڻي پئي هڪ ڳوٺ ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون ۽ ٻن اسڪولن کي سيل ڪيو ويوآهي اين سي او سي 15 مارچ کان ٻن هفتن لاءِ گجرات شهر ۾ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي.نئون وائرس تيزي سان پکڙجڻ لڳو برطانيه کان نئون وائرس پنجاب ۾ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي ۽ صرف لاهور ۾ ڪورونا مثبت ڪيسن جو تناسب 12.67 تي پهچي چڪو آهي.لاهور ، ملتان ، فيصل آباد ، گوجرانوالا ۽ سرگودها ۾ 300 مثبت ٽيسٽ ٿيا جن مان 200 مريضن ۾ برطانوي وائرس ظاهر ٿيو آهي. لاهور سميت 5 ضلعن کي انتهائي خطرو قرار ڏنو ويو آهي ـ ضلعن ۾ سخت ايس او پيز جو اعلان ڪيو ويو آهي اڄ کان انهن ضلعن ۾ ، تعليمي ادارا ، پارڪ ، اندرين شادي هال ، ميلن ۽ وڌيڪ ماڻهن جي سرگرمين کي روڪيو ويو آهي جڏهن ته 6 وڳي تائين مارڪيٽون بند ڪيون وينديون 547 مزارون  ۽ صوبي ۾ راندين جي سڀ سرگرميون بند ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو