ڪورونا تيزي سان پکڙجي پئي ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو،اسد عمر

ڪورونا تيزي سان پکڙجي پئي ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو،اسد عمر

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وفاقي وزر اسد عمر چيو آهي ته هن وقت اهو ضروري ٿي ويو آهي ته اسان سڀ وبا جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪريون.وفاقي وزير اسد عمر سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سمورو خطو هن وقت ڪورونا جي شديد لهر جي لپيٽ ۾ آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته هن وقت انتهائي ضروري آهي ته اسان سڀ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪريون.هن چيو ته اسان سڀني کي ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته ماسڪ جو استعمال ڪريو ۽ ميڙ وارين جڳهين تي وڃڻ کان پاسو ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو