ڪوروناسبب وڌيڪ 46 فوت 2هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

ڪوروناسبب وڌيڪ 46 فوت 2هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 46 مريض فوت ٰ2 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾  گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس 46 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون. جڏهن ته 2 هزار 899 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا. ملڪ ۾ هنيئر تائين 10 هزار 644 فوتگيون ٿيون جڏهن ته هينئر تائين ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 5 لک 02 هزار 416 ٿي ويو آهي.صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 4 لک 56 هزار 969 ٿي ويو آهي ۽ فعال ڪيسن جو انگ 34 هزار 803 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 44 هزار 410 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جڏهن ته ملڪ ۾ هينئر تائين 70 لک 88 هزار 014 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.اين سي او سي موجب سنڌ ۾ 2 لک 25 هزار 509،  پنجاب هڪ لک 44 هزار 090، خيبرپختونخواهه 61 هزار 148، بلوچستان ۾ 18 هزار 373 ڪيس، اسلام آباد 39 هزار120، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 879 ڪيس، آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 8 هزار 478 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو