ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ڪورنگي ڪراسنگ لڳ آئل ريفائنري جي ويجهو کوٽائي دوران باهه ڀڙڪي اٿي، فائر برگيڊ باهه وسائڻ ۾ مصروف آهي پر 16 ڪلاڪ گذرڻ باوجود تي باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو. فائر برگيڊ عملدارن جو چوڻ آهي ته باهه ممڪن طور تي گئس لائين ۾ لڳي هئي ۽ باهه جي شدت وڌيڪ هجڻ ڪري فوم استعمال ڪيو پيو وڃي. فائر برگيڊ عملي جو چوڻ آهي ته گئس پائيپ لائين ۾ باهه جي شدت سبب ريسڪيو عملو به واپس هليو ويو. تي وي چينلز تي هلندڙ ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته باهه ائين اڌما پئي ڏئي جيئن ڪنهن آتش فشان مان لاوو نڪرندو آهي. پي پي ايل جو چوڻ آهي ته ڪجهه سيمپل هٿ ڪري ليبارٽري موڪليا آهن جنهن جي رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي ته هي ڪهڙي قسم جي گيس آهي.










