ڪوبه ڪئنال يا ڊيم قومي وحدت ۽ ملڪي سلامتيءَ کان مٿي ناھي

ڪوبه ڪئنال يا ڊيم قومي وحدت ۽ ملڪي سلامتيءَ کان مٿي ناھي

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامی جي نائب امير ۽ اڳوڻي پارلياماني ليڊر لياقت بلوچ چيو آهي ته سنڌوءَ تي نوان ڪئنال ڪڍڻ جي مسئلي تي پيپلز پارٽي جي موقف ان کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي جي ڪا به ڳالهه تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. پيپلز پارٽي جي سياست جيڪا وڏيرن جي بنياد تي عوام کي پنهنجي غلام بڻائڻ جي سياست آهي، ان جو سج هاڻي لھڻ وارو آهي. ڪو به ڪئنال يا ڊيم پاڪستان جي وحدت ۽ سلامتي کان مٿان نٿو ٿي سگهي.صوبن جي حق حاڪميت کي نه ڇيڙيو وڃي. پاڻي جي ورڇ جو طئي ٿيل فارمولي تي ڌاڙو نه لڳڻ گهرجي. پاڻي ۽ اين ايف سي ايوارڊ تي وزيراعظم شهباز شريف گڏيل مفادن جي ڪائونسل جو فوري اجلاس سڏاائي ۽ سنڌ جي عوام جون جيڪي حقيقي شڪايتون آهن انهن جو ازالو ڪيو وڃي. جماعت اسلامي 14 اپريل تي بلوچستان جي مسئلي تي اسلام آباد ۾ قومي ڪانفرنس ۽ خيبرپختونخواهه ۾ امن جي حوالي سان 20 اپريل تي پشاور ۾ امن مارچ ڪندي. اھڙن خيالن جو اظهار هن گھارو ۾ مختصر قيام دوران جماعت اسلامي جي آفيس ۾ ڪارڪنن ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. انهن وڌيڪ چيو ته قرضن، ڪرپشن ۽ لوٽ مار سان ملڪ نٿو هلي سگھي، ملڪ ۾ معاشي ۽ سياسي استحڪام لاءِ بنيادي قدم کڻڻ انتهائي ضروري آهن. آءِ ايم ايف جي غلامي ۽ سودي معيشيت تي انحصار ڪرڻ بدران پنهنجي عوام ۽ وسيلن تي ڀروسو ڪندي پاڪستان کي اقتصادي بحران کان ڪڍڻ گهرجي. اسان صدر زرداري جي جلد صحت يابي لاءِ دعاگو آهيون، معلوم ناهي ڪنهن شيءَ ان کي عيد جي ڏينهن پنهنجي آباڻي شهر نواب شاهه جي ماڻهن کان پري ڪري ڪراچي پهچڻ تي مجبور ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهو اسرائيل ۽ صهيونيت جيڪي سمجهي رهيا هئا ته حماس کي ختم ڪري ڇڏيندا، انهن حماس سان ڳالهين ڪيون جنهن جو نتيجو جنگ بندي جي صورت ۾ نڪتو، پر ان جي سرپرست آمريڪي صدر ٽرمپ اسرائيل جي شڪست کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ڪڏهن چون ٿا ته غزه جي زمين خريد ڪري ڇڏيندا ۽ ڪڏهن ڪجهه ٻيو چون ٿا. فلسطين، فلسطينيئن جو آهي، دنيا جي ڪا به طاقت انهن کي پنهنجي سرزمين کان هٽائي نہ ٿي سگهي. اسرائيل جي درندگي تي مسلم حڪمرانن جو ڪردار شرمناڪ آهي. سنڌ جوسيڪريٽري اطلاعت مجاهد چنا، امير ضلع ايڊووڪيٽ عبدالمجيد سموں، نورمحمد ڪوريجو، امير حمزہ شورو، ميڊيا سيڪريٽري محمد حمزہ ناهيون ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. لياقت بلوچ گھارو پريس ڪلب جي سينيئر صحافي سيد عمران سان سندس زال جي وفات تي تعزيت ۽ مرحومه جي مغفرت ۽ درجا بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو