ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) دي سي ڪوئٽا حڪم جاري ڪيو آهي ته سيڪورٽي صورتحال سبب صوبائي گادي واري شهر جي پريس ڪلب ۾ اين او سي کانسواءِ ڪنهن به تنظيم يا سياسي پارٽي کي پريس ڪانفرنس يا سيمينار ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. ان ڏس ۾ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي ۽ پريس ڪلب جي صدر کي آگاهي به ڏني وئي آهي. ڪوئٽا پريس ڪلب جي عهديدارن ابتدائي طور غور ويچار بعد ڪلب جو اهم اجلاس خميس تي طلب ڪيو آهي. هوڏانهن پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي صدر افضل بٽ ۽ جنرل سيڪريٽري ارشد انصاري جاري ڪيل بيان ۾ حڪومتي پابندي کي رد ڪندي چيو آهي ته اهو عمل پريس فريڊم تي حملو آهي، جيڪو ڪنهن به قيميت تي قبول ناهي. ڪراچي پريس ڪلب جي اڳواڻن به ان عمل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اها خطرناڪ روش آهي. ياد رهي ته 25 ۽ 26 آگسٽ جي وچ واري رات پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي، بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ هڪ وقت سيڪورٽي فورسز، سويلنز ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا هئا. موسيٰ خيل ۾ بس ۽ ٽرڪن مان مسافرن ۽ ڊرائيورن کي لاهي شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري 23 پنجابين کي قتل ڪيو ويو هو.










