ڪوئيٽا ۾ ڀاڄين جي اگهن ۾ واڌ

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي شهر ڪوئيٽا ۾ ڀاڄين جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي.مارڪيٽ ذريعن موجب ڪوئيٽا ۾ ٽماٽن جي قيمت ۾ 40 رپيا في ڪلو واڌ ٿي وئي آهي.شهر ۾ ٽماٽر جو اگهه 120 کان وڌي 160 رپيا في ڪلو ٿي ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته آلو جي اگهه ۾ 20 کان 100 رپيا في ڪلو واڌ ٿي وئي آهي.مارڪيٽ ذريعن موجب مٽر جي في ڪلو قيمت ۾ 50 کان 350 رپيا واڌ ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو