ڪوئيٽا ۾ تيز مينهن  ۽ ڳڙي جي اڳڪٿي

ڪوئيٽا ۾ تيز مينهن ۽ ڳڙي جي اڳڪٿي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪوئيٽا سميت صوبي جي 19 ضلعن ۾ گجگوڙ سان مينهن ۽ ڳڙي جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي موجب اڱاري ڏينهن ڪوئيٽا، خضدار، لسٻيلا ۽ تربت ۾ هلڪي برسات پئي، جڏهن ته اڪثر ضلعن ۾ موسم جزوي طور تي جهڙ رهيو،گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوئيٽا وادي ۽ قلات ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ٽي ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪوئيٽا ضلعي، چاغي، نوشڪي، سوراب، خاران، قلات، زيارت، بارکھان، ڪوهلو، سبي، بولان، هرنائي، لورالائي، قلعه سيف الله، قلعه عبدالله، چمن، ژوب، موسيٰ خيل، شيراني ۽ آس پاس جي علائقن ۾ گجگوڙ ۽ ڳڙي پوڻ جو امڪان آهي،اترين ضلعن جي ٽڪرين تي هلڪي برفباري جو به امڪان آهي. برسات جي ڪري نوشڪي، پنجپائي، هرنائي، ڪوهلو ۽ سبي جي مقامي دريائن ۽ واهن ۾ برساتي پاڻي داخل ٿيڻ جو به خطرو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو