اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ ۾ ٻئي مرحلي دوران 15 جنوري تي رٿيل مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت سنڌ حڪومت جو فيصلو رد ڪندي چونڊ مقرر وقت تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن وفاقي گهرو کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته حساس پولنگ اسٽيشنز تي فوج ۽ رينجرز مقرر ڪئي وڃي. سنڌ حڪومت گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن کي ڪراچي، حيدرآباد ۽ دادو جي ٻن تعلقن ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه ۾ 15 جنوري تي رٿيل مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. ايم ڪيو ايم جي ٽنهي ڌڙن جي گڏجڻ بعد خميس تي هنن ڌمڪي ڏني هئي ته مڪاني چونڊون هو ڪنهن صورت ۾ ٿيڻ نه ڏيندا. هنن وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي به ڌمڪي ڏني هئي. جنهن بعد فاروق ستار جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد رات دير سان بلاول سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ جو وڏو وزير به شامل هو. جنهن بعد ناصر شاهه، شرجيل ميمڻ ۽ ٻين وزيرن گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چونڊ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ هنن اهو به چيو هو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ نئين سر تڪبندين بابت جاري نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو به اعلان ڪيو هو. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت آرڊيننس جاري ڪيو ته پوءِ اليڪشن ڪميشن مجبور هوندي ته چونڊون ملتوي ڪري. هوڏانهن جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ چونڊ ملتوي ڪرڻ وارو سنڌ حڪومت جو فيصلو رد ڪندي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. جماعت اسلامي 3 وڳي منجهند اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران احتجاج ۽ پي ٽي آءِ 4 وڳي سنڌ اسمبلي آڏو احتجاجي جلوس ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جمعي نماز بعد ڌار ڌار اجلاس گهرائڻ جو به اعلان ڪيو آهي. جماعت اسلامي ڪراچي جي امير اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي آجيان ڪندي احتجاج ملتوي ڪيو آهي.










