ڪمبوڊيا: ڪيسينو ۾ باهه لڳڻ سبب 10 ڄڻا سڙي فوت

ڪمبوڊيا: ڪيسينو ۾ باهه لڳڻ سبب 10 ڄڻا سڙي فوت

ڦينم پينهه(ويب ڊيسڪ)ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪ ڪمبوڊيا جي سرحدي علائقي ۾ واقع هڪ ڪيسينو هوٽل ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.پوليس موجب گذريل رات ڪمبوڊيا جي سرحدي علائقي پوئي پٽ ۾ واقع جوسينو هوٽل ۾ باهه لڳي وئي.ڪمبوڊيا پوليس موجب ڊائمنڊ سٽي گرانڊ هوٽل ۽ ڪيسينو ۾ باهه لڳڻ سبب 30 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن.حادثي ۾ فوت ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب باهه لڳڻ وقت ڪاسينو هوٽل ۾ پرڏيهين سميت 400 ماڻهو موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو