ڪشمور(رپورٽ علي حسن سومرو) ڪشمور انڊس هاءِ وي تي هڪ ڏکوئيندڙ حادثو پيش آيو، جتي تيز رفتار ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر سبب نوجوان حياتي وڃائي ويٺو. حادثو اڄ صبح سوير پيش آيو، جڏهن بخشاپور واسي عزت ڊومڪي موٽر سائيڪل تي وڃي رهيو هو ته سامهون ايندڙ ٽرڪ سان ٽڪرائجي ويو. ٽڪر ايترو زورائتو هو جو عزت ڊومڪي ٿڏي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو.حادثي جي اطلاع تي پوليس ۽ علائقي وارا واقعي واري هنڌ پهتا ۽ لاش کي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي نوجوان جي اوچتي موت تي علائقي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو آهي، جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس موجب حادثي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.










