اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ڪسٽمز 15 ڪروڙ 60 لک رپيا ماليت جا غير قانوني پرڏيهي سگريٽ ضبط ڪري ورتا، جڏهن ته سمگلنگ جي روڪٿام لاءِ خاص ٽيمون به جوڙيون ويون آهن. ايف بي آر ترجمان موجب پاڪستان ڪسٽمز 15 ڪروڙ 60 لک رپيا ماليت جي پرڏيهي سگريٽ ضبط ڪيا. پاڪستان ڪسٽمز طرفان سگريٽن جي سمگلنگ جي روڪٿام لاءِ خاص ٽيمون پڻ جوڙيون ويون آهن. ايف بي آر ترجمان ٻڌايو ته پاڪستان ڪسٽمز 30 آڪٽوبر کان 5 نومبر تائين 8157200 سگريٽ ضبط ڪيا. ڪلڪٽريٽس ۽ ايئرپورٽس تي پرڏيهي سگريٽن جي چرپر تي سخت نظر رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
