ڪرتارپور راهداري وڏي دل هجڻ جو ثبوت آهي؛ مهوش حيات

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تمغه امتياز جو اعزاز حاصل ڪندڙ پاڪستاني ناليواري اداڪاره مهوش حيات ڪرتارپور راهداري جي افتتاحي پرمسرت موقعي تي پنهنجي ٽوئٽ ذريعي ساراهيندي چيو ته بابا گرونانڪ جي 550هين جنم ڏينهن تي ڪرتارپور راهداري جو افتتاح ڪرڻ هڪ حقيقي سنگ ميل آهي، هي سچي مذهبي هم آهنگي ۽ پاڪستانين جي ڪشاده دل هجڻ جو ثبوت آهي. ڪرتارپور راهداري افتتاح جي موقعي تي اداڪاره وڌيڪ لکيو آهي ته اڪثر شخص ماڻهن وچ ۾ نفرتون ختم ڪرائڻ لاءِ پل بجاءِ ديوار وارو ڪردار ادا ڪندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو