ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي سائيٽ ويجهو گهر ۾ فائرنگ واري واقعي ۾ 2 ڀائر مارجي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. هارون آباد واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه ڀائر سميع الله ۽ اسد الله مارجي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا اڪرام الله، شفيع الله ۽ امير عبدالله زخمي ٿي پيا. مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي ڀائرن جي ڏنل بيانن ۾ تضاد آهي، پهريان ڏنل بيان ۾ ڀائرن وچ ۾ جهيڙو ٻڌايو ويو، بعد ۾ هنن ٻڌايو ته ٻاهريان آيل هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. پوليس موجب زخمي ڀائرن جو چوڻ آهي ته جوابدار گهر ۾ داخل ٿي شفيع الله کي نشانو بڻايو ۽ گهر مان ڪجهه به چوري نه ڪيو. پوليس جو چوڻ هو ته مارجي ويل ۽ زخمي ڀائر سرڪاري ملازم ۽ گمبٽ جا رهواسي آهن، سندن چوڻ آهي ته هنن جي ڪنهن سان به دشمني ناهي.










