ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت طرفان ڪراچي ۾ ايندڙ هفتي کان ڊبل ڊيڪر بسون ۽ نيون اي وي بسون هلائن ۽ سنڌ جي ٻين صلعن ۾ پيپلز بس سروس جا نوان روٽس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ايم ڊي ايس ايم ٽي اي ڪنول نظام ڀٽو، سي اي او ٽرانس ڪراچي فواد غفار سومرو، يلو لائن بي آر ٽي جي پي ڊي ضمير عباسي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي ييلو لائن بي آر ٽي ۽ ريڊ لائين بي آر ٽي جي ترقياتي ڪم ۾ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. ڪراچي ۾ اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ ۽ پنڪ اسڪوٽيز اسڪيم جي ٻئي مرحلي تي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي آگاهي ڏني وئي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اميد آهي ته ڊبل ڊيڪر بسون ۽ نيون اي وي بسون ايندڙ هفتي تائين ڪراچي ۾ پهچي وينديون. ڪراچي جي عوام جي لاءِ ڊبل ڊيڪر جو روٽ شروع ڪرڻ سان گڏوگڏ اي وي بسز جا نوان روٽ به شروع ڪيا پيا وڃن. سينئر صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڊسمبر تائين اي وي ٽيڪسي شروع ڪرڻ ۽ هلندڙ مالي سال وڌيڪ پنج سئو بسون آڻڻ جو ارادو رکي ٿي. سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به تمام جلد پيپلز بس سروس جا نوان روٽس شروع ڪيا ويندا.شرجيل انعام ميمڻ ٽرانسپورٽ اختيارين کي نون روٽس جي حوالي سان آپريشنل تياريون مڪمل ڪرڻ جون هدايتون ڪيون. سينئر صوبائي وزير چيو ته سمورن ڊويزنل هيڊ ڪوارٽز ۾ عورتن ۽ شاگردن کي اسڪوٽيز هلائڻ جي تربيت ڏيڻ جو سلسلو به شروع ڪيو پيو وڃي. ييلو لائن بي آر ٽي تي رات ڏينهن ڪم تيزي سان جاري آهي. سنڌ حڪومت ييلو لائين بي آر ٽي تي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي.هن هدايت ڪئي ته ييلو لائين بي آر ٽي جي ترقياتي ڪم ۾ تيزي آندي وڃي، ڊيپوز جو ڪم به جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ۽ چيو ته تاج حيدر پل جي ٻئي حصي جو ڪم جلد شروع ڪيو ويندو. تاج حيدر پل تي ٻطرفي ٽريفڪ اڄ کان هلائي پئي وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ييلو لائن بي آر ٽي ۾ سامهون ايندڙ يوٽلٽيز جي منتقلي جلد يقيني بنائي وڃي ته جيئن ڪم جي رفتار متاثر نه ٿئي.










