ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ڪورنگي علائقي ۾ رينجرز ۽ سي ٽي ڊي گڏيل ڪارروائي ڪندي فتني خوارج جي ٽن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو،رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته ٽئي دهشتگرد فتنه خوارج حافظ گل بهادر گروپ سان تعلق رکن ٿا. دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو آهي،گرفتار ٿيل دهشتگرد، نعيم الله، هڪ فوجي تربيت يافته دهشتگرد آهي جيڪو وزيرستان ۾ آپريشن ۾ ملوث آهي. هو تازو ڪراچي آيو هو ۽ پنهنجي نيٽ ورڪ کي فعال طور تي منظم ڪري رهيو هو.هن چيو ته ٽئي دهشتگرد ڪراچي ۾ دهشتگردي جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا.










