ڪراچي ۾ اڄ وقفي وقفي سان برسات جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ اڄ ڏينهن دوران وقفي وقفي سان برسات ۽ موسم خوشگوار رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب شهر ۾ تيز هوائن جو سلسلو جاري آهي ۽ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم خشڪ رهندي.موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 27.4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 32 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.ان حوالي سان موسميات کاتي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته شهر ۾ هوا ۾ نمي جو تناسب 81 سيڪڙو آهي، هوائون ڏکڻ اولهه کان 15 کان 25 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلنديون رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو