ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ موسم اڄ انتهائي گرم رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي. ڪراچي ۾ ڏکڻ اولهه کان 13 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن، جنهن ۾ نمي جو تناسب 69 سيڪڙو آهي. گرمي ۾ واڌ سان گڏ ٿڌي مشروبات جي طلب ۾ به اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته گرمي سان لاڳاپيل بيماريون به وڌيون آهن.










