ڪراچي کان فيصل آباد ويندڙ ريل گاڏي حادثي جو شڪار

ڪراچي کان فيصل آباد ويندڙ ريل گاڏي حادثي جو شڪار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي کان فيصل آباد ويندڙ پاڪستان ايڪسپريس بهاولپور جي مبارڪ پور ويجهو حادثي جو شڪار ٿي وئي، ٽرين جي ڊائننگ ڪار سميت ٻه بوگيون پٽڙي تان لهي ويون.ڊپٽي ڊي ايس ريلوي موجب، حادثي جي ڪري اپ ٽريڪ تي ٽريفڪ معطل ڪئي وئي آهي، ۽ اپ ٽريڪ تي ايندڙ گاڏين کي خانپور، لياقت پور ۽ ڊيرا نواب صاحب ريلوي اسٽيشنن تي روڪيو ويو آهي.ٽريڪ کي بحال ڪرڻ جو ڪم تيزي سان مڪمل ڪيو پيو وڃي، پر حادثي ۾ ڪو به زخمي نه ٿيو.حادثي ۾، ڪراچي کان فيصل آباد ويندڙ پاڪستان ايڪسپريس جي ڊائننگ ڪار ۽ اي سي اسٽينڊرڊ بوگيون ويل ٽرالي جام ٿيڻ سبب پٽڙي تان لهي ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو