ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ عائشه منزل ويجهو ڦر دوران، جوابدار هڪ واپاري کان 12 ٻڪريون کسي فرار ٿي ويا، جڏهن ته واپاري فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيو.پوليس موجب، ڪراچي جي عائشه منزل علائقي ويجهو ڦر جي مزاحمت تي ڌاڙيلن واپاري ميانداد تي فائرنگ ڪئي.پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ کان پوءِ، ڌاڙيل ميانداد واپاري کان 12 ٻڪريون کسي فرار ٿي ويو.متاثر واپاري عمرڪوٽ کان ٻڪريون وڪڻڻ لاءِ آيو هو.زخمي واپاري ميانداد کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










