ڪراچي واسي نوجوان واٽر بورڊ ڪينال ۾ ٻڍي فوت

گهارو) ن سنڌيار)گهارو لڳ واٽر بورڊ جي ڪينال ۾ ڪراچي واسي 22سالا فياض بيگ ٻڏي فوت ٿي ويو.گهارو لڳ واٽر بورڊ جي ڪينال ۾ تفريح لاءِ آيل فياض بيگ ولد تنوير بيگ ٻڏي فوت ٿي ويو جنهن جو لاش هٿ ڪري گهارو رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو.ڪرونا جي ڪري تفريحي ماڳ واٽر پارڪ مڪلي جي ٽڪري، ڪينجهر ڍنڍ گورنمينٽ طرفان بند ٿيل آهن پر پوليس پيسا وٺي موٽر سائيڪل سوارن کي اجازت ڏيئي ٿا ڇڏين، جنهن جي ڪري گرميءَ جا ستايل واٽر بورڊ جي گهيري ڪينال ۾ ٻڏي وڃن ٿا واٽر بورڊ جي نا اهلي آهي اداري جاچوڪيدار هئڻ جي باوجود به عوام کي روڪين نٿا. گهارو جي سول سوسائٽي مطالبو ٿي ڪري ته ايس ايس پي پوليس کي پابند ڪري ته گهگهر تي ڪراچي کان ٺٽي ڏانهن ايندڙن کي روڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو